ايڇ اي سي سر سيد يونيورسٽي جي مجموعي ڪارڪردگي کي اطمينان جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (پ ر) هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي مجموعي ڪارڪردگي کي اطمينان جوڳو قرار ڏيندي ان کي Meeting Maximum Parameters Satisfactorily (MMPS) جي درجي ۾ شامل ڪري ورتو آهي، ڇو ته سر سيد يونيورسٽي اعليٰ معيار قائم ڪرڻ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ هدف پورا ڪيا ۽ 93.76 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا.
سر سيد يونيورسٽي جي ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل شعبي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ سر سيد يونيورسٽي کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ريٽنگ ۾ شامل ڪرڻ جي چئلينج کي ڪاميابي سان پورو ڪيو.
سر سيد يونيورسٽي جي چانسلر جاويد انوار چيو ته اها شاندار ڪاميابي فيڪلٽي ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي محنت ۽ عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن لاءِ هو مبارڪباد جا حقدار آهن.
هائير ايجوڪيشن ڪميشن جا مقرر ڪيل هدف پورا ڪرڻ ۽ پنهنجي ٽيم کي ٻين ماڻهن لاءِ هڪ بهترين مثال بڻائڻ لاءِ ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد ريحان ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چانسلر جاويد انوار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مستقبل ۾ يونيورسٽي لاءِ وڌيڪ اعزاز حاصل ڪرڻ لاءِ اهو جوش ۽ جذبو برقرار رهڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.