بخار سميت ٻين جسماني حالتن جو پتو لڳائيندڙ سمارٽ والي تيار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) بخار جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا جديد اوزار متعارف ڪرايا ويا آهن پر تازو ئي سائنسدانن اهڙي سمارٽ والي تيار ڪئي آهي جيڪا جسماني پاري سميت ٻيا فعلن انجام ڏيڻ ۾ ٻين اوزارن کان بهتر آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب واشنگٽن يونيورسٽي جي محققن ٿرمل ايئرنگ متعارف ڪرائي آهي جيڪو پنهنجي نوعيت جي پهرين سمارٽ والي آهي، اها انسانن کي پاري جي لاڳيتو نگران ڪرڻ جوڳو بڻائي ٿي.
تحقيق ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي ته کَلَ جي پاري کي محسوس ڪرڻ لاءِ سمارٽ واچ جي ڀيٽ ۾ سمارٽ واري وڌيڪ اثرائتي آهي.
اها سمارٽ والي دٻاءَ، کاڌي، ورزش ۽ ماهواري جي علامتن جي به نگراني ڪري سگھي ٿي. ان واري جي سائيز عام والي جيتري آهي ۽ ان جو وزن ننڍي پيپر ڪلپ جيترو آهي.
جيڪڏهن ان جي بيٽري لائيف جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اها 28 ڏينهن تائين هلي سگھي ٿي. ان ۾ گرمي پد ماپڻ لاءِ 2 سينسرز لڳايا ويا آهن.
ان جي سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته ان سمارٽ واليءَ کي اوهان سولائيءَ سان مرضي جي خوبصورت ڊزائين به ڏئي سگھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.