خواجا نافع کي فيسبوڪ تي ڏٺو ۽ سليڪٽ ڪيو، سرفراز جو انڪشاف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ميچ ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي خواجا نافع بابت سرفراز احمد انڪشاف ڪيو آهي ته سندس سليڪشن فيسبوڪ تي سندس بيٽنگ وڊيو ڏسي ڪئي وئي.
19 فيبروري سومر جي ڏهاڙي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئٽرز وچ ۾ ميچ ٿي جنهن ۾ ڪوئيٽا لاهور کي پنج وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
لاهور قلندرز 188 رنسن جو هدف ڏنو جيڪو ڪوئيٽا 20 هين اوور جي پهرين بال تي حاصل ڪري ورتو، ان ميچ ۾ خواجا نافع 60 رنز جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي .
ميچ کانپوءِ گفتگو ڪندي سرفراز احمد ٻڌايو ته فيسبوڪ تي خواجا نافع جون وڊيوز ڏسڻ کانپوءِ کيس سڏايو ويو هو، سندس سليڪشن فيسبوڪ تي ڏٺل وڊيوز کانپوءِ ٿي.
سرفراز وڌيڪ چيو ته خواجا نافع ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، جڏهن ته بنگلاديش پريميئر ليگ جو حصو ضرور رهيو آهي جيڪا وڏي ڪاميابي آهي ۽ پوءِ ڪوئيٽا کيس پِڪ ڪيو، هو باصلاحيت ۽ مستقبل جو اسٽار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.