چيڙاڪ ماڻهو دل جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي سگھن ٿا!

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بدمزاج ۽ هر وقت فڪرمند رهندڙ ماڻهن جي دل جي صحت خراب ٿيڻ جا خطرا وڌيڪ هوندا آهن.
لنڊن جي ڪوئن ميري يونيورسٽي جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ ٽيم ذهني صحت ۽ دل جي ڪارڪردگي وچ ۾ واسطو ڄاڻڻ ال3 36 هزار 309 ماڻهن جي دل جي اسڪين جو معائنو ڪيو.
تحقيق موجب بي چيني ۽ چِڙ جهڙيون شخصي خاصيتون دل جي عمر وڌڻ جي شروعاتي اشارن سان واسطو رکن ٿيون.
ماهرن موجب تحقيق جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته ذهني صحت جي مسئلن جي خطري ۾ مبتلا ماڻهن کي مستقبل ۾ دل جا مرض گھٽائڻ جي ڪوشش مان فائدو ٿي سگھي ٿو.
نيوروٽيسزم نالي شخصي خاصيتن (جن ۾ غير مستحڪم مزاج، ضرورت کان وڌيڪ فڪر، بي چيني، چِڙ ۽ اداسي شامل آهن) کي شخصيت تي ٻڌل سوالنامن جو استعمال ڪندي پرکيو ويو.
تحقيق ۾ نيوروٽيسزم شخصي خاصيتن جي رجحان جو ننڍي ۽ خراب ڪارڪردگي واري وينٽريڪلز، شديد مايوڪارڊيل فائبروسس ۽ شديد آرٽريل اسٽفنيس (رڳن جي اڪڙجنڻ) سان واسطو ڏٺو ويو.
يورپين هارٽ جرنل ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٽيم جو چوڻ هو ته تحقيق جا نتيجا ذهني ۽ دل جي صحت وچ ۾ واسطي کي واضح ڪن ٿا ۽ عام ماڻهن ۾ ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ جي لائحه عمل جي پٺڀرائي ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.