عدالت جو ڊي سي اسلام آباد کي گرفتار ڪري سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ کي گرفتار ڪري سڀاڻي صبح 9 وڳي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار، شهريار آفريدي ڪيس ۾ ڊي سي اسلام آباد خلاف توهين عدالت ڪيس جو چئن صفحن تي ٻڌل لکت حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊي سي اسلام آباد کي گرفتار ڪري سڀاڻي صبح 9 وڳي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، گڏوگڏ سندس نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي به هدايت ڪئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ۾ چيو ته ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهي.
لکت حڪم ۾ چيو ويو آهي ته گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي پاسپورٽس، ڊي سي اسلام آباد جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ يقيني بڻائي.
عدالت قرار ڏنو ته پيش نه ٿي ڊي سي عدالت جي توهين ڪئي، تنهن ڪري انصاف جي نظام ۾ رنڊڪ بڻجڻ تي ڇو ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
عدالت چيو ته ڊي سي اسلام آباد جي اڄ جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪالهه منظور نه ڪئي، آءِ جي اسلام آباد ٻين صوبن سان گڏجي وارنٽ تي عمل ڪرائي، ايئرپورٽ، سي پورٽ يا بارڊر ڪراسنگ تي ڊي سي اسلام آباد نظر اچي ته گرفتار ڪري پيش ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.