خوبصورت مُرڪ لاءِ سرجري ڪرائيندڙ گھوٽ فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ 28 ورهين جو لڪشمي نارائڻ پنهنجي شادي کان هڪ مهينو اڳ خوبصورت مُرڪ لاءِ ڊينٽل ڪلينڪ ۾ سرجري ڪرائڻ دوران فوت ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو تلنگانه رياست جي شهر حيدرآباد جي علائقي ۾ ايف ايم ايس انٽرنيشنل ڊينٽل ڪلينڪ ۾ پيش آيو جتي لڪشمي نارائڻ مُرڪ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ آيو هو.
خوبصورت مُرڪ لاءِ لڪشمي نارائڻ کي ڊينٽل ڪلينڪ ۾ ڏندن جي سڌائي، ڏندن جو رنگ مڪمل اڇو ڪرائڻ ۽ ڏندن جي وچ ۾ وٿي کي ڀرڻ جي عمل مان گذرڻو هو.
هو ڊگهو عمل هو جنهن دوران اڻڄاتل سببن جي ڪري لڪشمي نارائڻ فوت ٿي ويو. سندس پيءُ الزام هنيو آهي ته پٽ جي موت جو سبب سرجري لاءِ بيهوشي جي دوا جو گھڻو مقدار ڏيڻ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.