طعنه ڏيڻ بند ڪريو، جيڪو وڻندو ڪنديس: عفت عمر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا عفت عمر تنقيد ڪندڙن کي ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو.

عفت عمر شادي جي هڪ تقريب ۾ پنهنجي ڊانس جي وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ کيس عمر موجب ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Iffat Umar (@iffatomarofficial)

عفت عمر تنقيد جو جواب ڏيندي ڊانس جون وڌيڪ وڊيوز شيئر ڪيون ۽ لکيو ته مون کي عمر جي حوالي سان سبق پڙهائڻ بند ڪريو. مون کي جيڪو سٺو لڳندو آئون اُهو ڪنديس. منهنجي عمر منهنجي مرضي.

عفت عمر تنقيد ڪندڙن کي چيو ته آئون ته پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان گذارينديس، تنقيد ڪندڙ پنهنجي زندگي پرسڪون گذارين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.