پاڪستان ۾ ايڪس (ٽوئيٽر) جي سروس متاثر

سڄي پاڪستان ۾ تقريبن 3 ڏينهن کان پوءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) سروس بحالي کان پوءِ وري متاثر ٿي وئي.
ويب سائيٽس جي بندش مانيٽر ڪندڙ سائيٽ ”ڊائون ڊٽيڪٽر“ موجب پاڪستان ۾ 17 فيبروري جي رات جو 9 وڳي کان ايڪس جي سروس ڊائون ٿي هئي.
پر ايڪس جي سروس سومر جي ڏينهن رات جو ڏيڍ وڳي بحال ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر متاثر ٿي وئي، آچر جي ڏينهن به ايڪس جي سروس اڌ ڪلاڪ بحال ٿيڻ کان پوءِ وري ڊائون ٿي وئي هئي.
پي ٽي اي ايڪس جي بندش تي موقف ڏيڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي.
ٻي پاسي پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن انٽرنيٽ يا ڪنهن به سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي بند ڪرڻ جي عمل فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.