غزا معاملو، برازيل ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز

برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيلي صدر جي غزا ۾ نسل ڪشي جي بيان کان پوءِ اسرائيل برازيل ڇڪتاڻ وڌي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب برازيلي صدر لولا ڊي سلوا ايٿوپيا ۾ آفريقي يونين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي غزا ۾ نسل ڪشي کي هولوڪاسٽ سان ڀيٽيو.
هن چيو ته جيڪو ڪجهه غزا ۾ ٿئي پيو اُهو ماضي ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو، تاريخ غزا جي ان وحشياڻي جنگ جو مثال پيش نٿي ڪري سگھي.
برازيلين صدر چيو ته غزا جنگ ائين ئي آهي جيئن هٽلر يهودين سان ڪيو هو، هن وقت غزا ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اُهو نسل ڪشي آهي.
برازيلي صدر جي بيان تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ڪاوڙجي پيو.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته برازيلين صدر جو بيان هولوڪاسٽ کي معمولي بڻائڻ آهي، سندس بيان يهودين تي حملو آهي.
ٻنهي جي بيانن کان پوءِ برازيل اسرائيل مان پنهنجو سفير واپس گھرائي ورتو آهي.
برازيلي پرڏيهي وزارت موجب برازيل ۾ اسرائيلي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري اسرائيل جي ردعمل تي احتجاج به ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.