ڪراچي/حيدرآباد/لاڙڪاڻو ( نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سينيئر اسڪول ٽيچر جي ڀرتي لاءِ پيپر آئوٽ ۽ امتحان ملتوي ٿيڻ خلاف اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
حيدرآباد ۾سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سينيئر اسڪول ٽيچر جي ڀرتي لاءِ پيپر آئوٽ ٿيڻ خلاف اميدوارن پاران ٿڌي سڙڪ روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن انتظاميا ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس طلب ڪئي، پوليس ۽ شاگردن ۾ سخت جملن جي ڏي کانپوءِ شاگرد ڇڙوڇڙ ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.
ڌرڻي سبب شهر ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي جنهنڪري شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ان کانسواءِ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو پيپر آئوٽ ٿيڻ خلاف اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جو قتل عام ٿي رهيو آهي، غلط پيپر ملڻ جي شڪايت تي انتظاميا پيپر ئي ملتوي ڪري ڇڏيو.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……….
ٻئي پاسي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن انتظاميا پاران پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي بابت موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ايس پي ايس سِي جو پرچو ليڪ، امتحان ملتوي، اميدوارن پاران مختلف شهرن ۾ احتجاج ، ڌرڻا
You might also like