ڀارتي اداڪار رِتو راج سنگهه دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فلمن ۽ ٽي وي جو ناميارو اداڪار رِتو راج سنگهه 59 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، رِتو راج سنگهه جي موت جي تصديق سندس ساٿي اداڪار اميت ڀل طرفان ڪئي وئي آهي.
اداڪار اميت ڀل ٻڌايو ته رِتو راج کي گذريل رات گهر ۾ دل جو دورو پيو هو جنهن تي کيس فوري طبي امداد لاءِ اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته اداڪار ديا اور باتي هم، آهٽ، عدالت، شاپت، هٽلر جهڙن ڊارمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، رتو راج حياتي جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ انومپا ڊرامي ۾ يشپال جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.