چهرن تي مرڪون وکيرندڙ جوني ليور آپهگات جي ڪوشش ڇو ڪئي؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) هندي سئنما جي ليجندڙي ڪاميڊين جوني ليور پنهنجي زندگيءَ بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي.
هڪ ڀارتي پوڊ ڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي جوني ليور پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل مشڪل وقت کي ياد ڪيو ۽ ٻڌايو ته سندس ننڍپڻ انتهائي غربت ۾ گذريو.
اداڪار ٻڌايو ته هو هڪ غريب خاندان ۾ ڄائو جتي تمام گهڻا مالي مسئلا هئا ۽ سندس والد به سخت مزاج وارو هو، پنهنجي پيءَ جي رويي کان تنگ اچي هن 13 ورهين جي عمر ۾ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
جوني ليور جو چوڻ هوته هو هڪ ڏينهن ٽرين جي پٽڙي تي ليٽي پيو ڇو ته هو پنهنجي پيءُ جي رويي سبب پريشان هو پر پنهنجي ڀينرن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي پٽڙي تان اُٿي کڙو ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪيئي ماڻهو قتل ٿيندي ڏٺا، جيڪڏهن اداڪار نه هجي ها ته انڊر ورلڊ ( ڏوهن جي دنيا ) ۾ هجي ها.
اداڪار جو چوڻ هو ته سدائين انڊسٽري جو ٿورائتو رهندس جو انهن ڪم ڏنو ۽ ڏوهاري بڻجڻ کان بچائي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.