ماءُ سک، پيءُ عيسائي، زال هندو ۽ ڀاءُ مسلمان آهي: وڪرانت ميسي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

پنهنجي جاندار ادڪاري ذريعي گهٽ عرصي ۾ وڏي شهرت ماڻيندڙ بالي ووڊ اداڪار وڪرانت ميسي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڀاءُ 17 ورهين جي ڄمار ۾ اسلام قبول ڪري ورتو هو.
ويجهڙ ۾ حقيقي واقعن تي آڌريل سپر هٽ فلم ” ٻارهين فيل “ ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ وڪرانت ميسي هڪ انٽرويوءَ دوران پنهنجي خاندان جي مذهب بابت انڪشاف ڪيا.
اداڪار ٻڌايو ته سندس ماءُ سک ۽ پيءَ عيسائي آهي، گهرواري هندو ۽ هو پاڻ ڪرسچن آهي.
وڪرانت ميسي اِهو به انڪشاف ڪيو ته سندس وڏي ڀاءُ جو نالو معين آهي ۽ هن 17 ورهين جي عمر ۾ اسلام قبول ڪري ورتو هو.
وڪرانت ميسي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته والدين ڀاءَ کي اسلام قبول ڪرڻ کان نه روڪيو، سندن خيال هو ته جيڪڏهن پٽ کي ان مذهب ۾ سڪون ملي ٿو ۽ هو خوش آهي ڀلي اسلام قبول ڪري.
اداڪار چيو ته ڀاءُ پاران اسلام قبول ڪرڻ تي مٽن مائٽن تمام گهڻي واويلا ڪئي ۽ ڪيئي سوال پڻ اُٿيا پر والد صاحب سڀني کي اِهو چئي چپ ڪرائي ڇڏيو ته هي اوهان جو مسئلو نه آهي.
وڪرانت ميسي چيو ته ننڍپڻ کان ئي گهر ۾ مختلف مذهب، روحانيت ۽ عقيدن تي بحث ٿيندي ڏسندو رهيو آهيان، گهر ۾ سدائين ان معاملي تي ڳالهه ٻول ٿيندي رهندي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.