چين ۾ دنيا جو خطرناڪ ترين وائرس تيار

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني محققن هڪ (Mutant) وائرس GX_P2V بابت هڪ تحقيق شايع ڪئي آهي جنهن عالمي سطح تي خدشن ۽ ڳڻتيءَ کي جنم ڏنو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب بيجنگ ۾ چيني محققن GX_P2V وائرس سان انساني جينز رکندڙ ڪوئن تي تجربو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪوئن ۾ موت جي شرح 100 سيڪڙو ڏٺي وئي.
ڪورونا وائرس بابت به درست نموني خبر ناهي پئجي سگھي پر چيني ليبارٽري ۾ GX_P2V وائرس جي تجربن عالمي سطح تي هڪ ڀيرو وري خدشن کي هٿي ڏني آهي.
GX_P2V هڪ ميوٽنٽ وائرس آهي جيڪو ڪورونا وائرس جي خاندان سان واسطو رکي ٿو. ان کي 2017ع ۾ ملائيشيا جي پينگولن (جانور) ۾ دريافت ڪيو ويو هو. ان وائرس بابت ڪيل تجربو پنهنجي نوعيت جو پهريون تجربو آهي جنهن ۾ GX_P2V مان متاثر ڪوئن ۾ موت جي شرح 100 سيڪڙو ڏٺي وئي آهي. موت جي اها شرح نتيجن کان به وڌيڪ آهي.
ماهرن نوٽ ڪيو ته GX_P2V مان متاثر ڪوئا اٺن ڏينهن جي اندر مري ويا جيڪا حيران ڪندڙ طور تي موت جي شرح تيز آهي.
پهريان وائرس ڪوئن کي ڪمزور ڪرڻ شروع ڪيو جنهن ۾ گھٽتائي، سست رفتار ۽ جسماني جهڪاءُ ۾ زيادتي ڏٺي وئي. GX_P2V ڪوئن جي ڦڦڙن، هڏن، اکين، نِڙي ۽ دماغ کي متاثر ڪيو ۽ مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ انهن جون اکين مڪمل طور تي اڇيون ٿي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.