موبائيل فونز جي درآمدن ۾ وڏي واڌ رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ موبائيل فونز جي درآمدن جي رڪارڊ اضافو ٿيو آهي ۽ جنوري ۾ ساليانو بنيادن تي موبائيل جو درآمدن ۾ 275.15 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته سيالني بنيادن تي ٽيليڪام سيڪٽر جون درآمدون 197 سيڪڙو وڌيون.

ڳڻپ واري کاتي جي انگن اکرن موجب جنوري 2024ع ۾ 19 ڪروڙ 49 لک ڊالرز کان وڌيڪ موبائيل فون درآمد ڪيا ويا جيڪي سياليانو بنيادن تي 275.15 سيڪڙو واڌ جڏهن ته ٽيليڪام سيڪٽر جون درآمدون 23 ڪروڙ 27 لک ڊالرز کان وڌيڪ رهيون جيڪي ساليانو بنيادن تي 197 سيڪڙو اضافو ظاهر ڪن ٿيون.

جولاءِ کان جنوري تائين موبائيل فونز جي درآمدن ۾ ساليانو بنيادن تي 138 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ 98 ڪروڙ 75 لک ڊالرز جا موبائيل فونز درآمد ڪيا ويا.

گذريل سال انهيءَ عرصي ۾ 41 ڪروڙ 48 لک ڊالرز جا موبائيل فونز گھرايا ويا هئا.

جولاءِ کان جنوري تائين ٽيليڪام سيڪٽر جون درآمدون 1 ارب 24 ڪرور 34 لک ڊالرز کان وڌيڪ رهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.