هر عمر ۾ دماغ صحتمند رکندڙ 5 عام عادتون!

صحت لاءِ فائديمند زندگي گذارڻ رڳو جسم لاءِ ئي فائديمند نه پر دماغي مرضن خاص ڪري ڊيمينشيا مان متاثر ٿيڻ جو خطرو گھٽبو گھٽائي ٿي.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل طبي تحقيق مان سامهون آئي آهي.

رش يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صحتمند زندگي گذارڻ سان دماغي عمر ۾ اضافي کي ريورس ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، جنهن سان ڊيمينشيا جي علامتن سان وڙهڻ ممڪن ٿيندو آهي.

ان تحقيق ۾ اهڙا 586 پوڙهڻ ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي جيڪي رش ميموري اينڊ ايجنگ پراجيڪٽ جو حصو بڻيا هئا.

انهن ماڻهن جي زندگي گذارڻ جي طريقي ۽ عمر جي آخري حصي ۾ ڊيمينشيا جي علامتن جهڙوڪ پروٽين جو اجتماع يا دماغ لاءِ رت جي وهڪري ۾ تبديلين کي ڀيٽيو ويو.

ڄاڻايل ماڻهن جي صحت جو 24 سالن تائين جائزو ورتو ويو هو ۽ انهن مان لاڏاڻو ڪري ويلن پنهنجا دماغ عطيو ڪيا هئا جن جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق موجب جيڪي ماڻهو صحتمند زندگي گذارين ٿا، انهن جا دماغي فعل پوڙهائپ تائين درست رهن ٿا.

جن ماڻهن ۾ الزائمر يا ٻين دماغي مرضن جون علامتون موجود آهن، جيڪڏهن اُهي صحتمند طرز زندگي اختيار ڪن ٿا ته دماغي ڪمزوري جي رفتار وڌڻ جو خطرو نمايان حد تائين گھٽجي وڃي ٿو.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته سٺي خوراڪ جو استعمال، ورزش، تماڪ واپرائڻ کان پاسو ڪرڻ، مطالعي يا ان جهڙيون دماغ کي متحرڪ رکندڙ سرگرميون، تاش يا ٻيون رانديون کيڏڻ ۽ شراب پيئڻ کان پاسو ڪرڻ جهڙيون عادتون اختيار ڪرڻ سان عمر وڌڻ سبب ٿيندڙ ناڪاري تبديلين کان دماغ کي محفوظ رکڻ ۾ مدد ملي ٿي.

محققن ٻڌايو ته اهو اڳ کان خبر آهي ته صحتمند طرز زندگي دماغي صحت لاءِ به فائديمند هجي ٿي، پر نتيجن مان ان جي ٺوس تصديق ٿي آهي.

ان تحقيق جا نتيجا جرنل جاما نيورولوجي ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.