خواجا نافع ڪوئيٽا کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي، لاهور کي مسلسل ٻي شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز لاهور قلندرز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندرز ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهيون.
لاهور طرفان صاحبزادا فرحان 62، جهانداد خان 45 رنسن سان اڳڀرا رهيا، ڪوئيٽا جي عقيل حسين ۽ محمد حسنين 2-2، محمد عامر، محمد وسيم ۽ ابرار احمد هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڪوئيٽا گهربل هدف 5 بال اڳ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
جيسن راءِ 24، سعود شڪيل 40، رائلي روسو 18، سرفراز احمد 11، ردرفورڊ 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته خواجا نافع 60 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
واضح رهي ته ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ايونٽ ۾ مسلسل ٻي ڪاميابي ماڻي آهي، جڏهن ته لاهور قلندرز ٻئي ميچون هارايون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.