فريال محمود پاران ٻي شاديءَ جون تياريون

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ادڪارا ۽ ماڊل فريال محمود ٻيهر شادي ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

تازي پوڊ ڪاسٽ ۾ اداڪارا ٻڌايو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ گھڻو ڪجهه ڏٺو آهي ۽ جيڪڏهن اهي تجربا پهرين شادي کان اڳ هجن ها ته منهنجي زندگي ائين نه هجي ها.

هن چيو ته پهرين شادي کان اڳ ڪم ۽ پڙهائي ۾ مصروف رهيس ۽ پنهنجي لاءِ وقت نه ڪڍي سگھيس ۽ دنيال راحيل سان به پنهنجي ماءُ جي مرضي سان شادي ڪئي هئي.

اداڪارا موجب هن پنهنجي اڳوڻي مڙس وٽان سکيو ته زندگي ڪيئن گذارجي ۽ ان ۾ صبر ڪيترو اهم آهي.

فريال محمود چيو ته هاڻي سندس زندگي ۾ صبر اچي ويو آهي ۽ ممڪن آهي ته هوءَ جلد ٻيهر سيٽل ٿي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.