اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جنسي زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جي سينيٽر مشتاق جي فوجداري قانونن ۾ ترميمن جو بل پيش ڪرڻ جي رٿ اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏي.
سينيٽر مشتاق احمد فوجداري قانونن ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ته ريپ جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي.
سينيٽ بل پيش ڪرڻ جي رٿ رد ڪري ڇڏي، بل پيش ڪرڻ جي رٿ جي حق ۾ 14 ۽ مخالفت ۾ 24 ووٽ آيا.
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته سرعام ڦاهي معاشري ۾ ڏڦيڙ پکيڙي ٿي، جنرل ضياءَ جي دور جا پاڇا ٻيهر ملڪ ۾ ناهن ڏسڻا، سرعام ڦاهي ڪڏهن ريپ کي ناهي روڪيو.
ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته دنيا ۾ اسان لاءِ ناڪاري تاثر آهي، ڏوهن تي سخت سزا ملڻ گهرجي، ڦاهي کي ڦاهي گهاٽ تائين رهڻ ڏيو، ان کي ڦوهارا چوڪ يا ميلوڊي چوڪ تائين نه آڻيو.
سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته قانون ۾ موت جي سزا موجود آهي، سرعام ڦاهي جو بل ڪنهن به ريت مناسب ناهي، سرعام ڦاهي نه هجڻ گهرجي.
سينيٽر تاج حيدر چيو ته سرعام ڦاهي ڏيڻ سان انسانيت جو احترام ختم ٿيندو آهي، سينيٽر علي ظفر چيو ته اڄڪلهه جي دور ۽ معاشري ۾ سرعام ڦاهي جي ضرورت ناهي، سينيٽر طاهر بزنجي چيو ته انصاف جي فراهمي يقيني بڻائجي ته ڦاهي جي ضرورت نه پوندي، توهان ڏوهارين جي اصلاح ڪيو.
سينيٽر سعديه عباسي چيو ته اهو بل معاشري کي وڌيڪ ظالم بڻائي ٿو، جڏهن ته شهادت اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ چيو ته سرعام ڦاهي انسان جي وقار جي خلاف آهي.
Next Post
You might also like