ماڻهو غلط چوندا آهن، مغرور نه پياري آهيان: اداڪارا نازش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا نازش جهانگير تازي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته کيس مغرور سمجهيو ويندو آهي پر هوءَ ڏاڍي معصوم آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا ۽ ماڊل نازش جهانگير اهو به اعتراف ڪيو ته کيس محبت ٿي هئي جنهن ۾ هوءَ انڌي به ٿي هئي. هن چيو ته محبت ۾ انسان انڌو، ڪاڻو ۽ منڊو به ٿي ويندو آهي پر هن اهو نه ٻڌايو ته کيس ڪنهن سان ۽ ڪڏهن محبت ٿي.

نازش جهانگير چيو ته اهو سچ آهي ته جڏهن ڪنهن کي ڪنهن سان محبت ٿيندي آهي ته کيس ڪجهه به سمجه ۾ ناهي ايندو ۽ محبوب سٺو لڳندو آهي. هن ٻڌايو ته هوءَ هاڻي حقيقت پسند آهي تڏهن سندس محبت گهڻي دير نه هلي. ياد رهي ته ماضي ۾ اداڪارا محسن عباس حيدر ۽ نازش جهانگير جي وچ ۾ تعلقات رهيا پر هنن ڪڏهن به ان جو کليل اظهار نه ڪيو.

نازش جهانگير هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ماڻهو کيس مغرور سمجهندا آهن شايد سندس شڪل اهڙي آهي. هن چيو ته حالانڪه هوءِ ڏاڍي معصوم ۽ پياري آهي پر ماڻهو کيس مغرور سمجهندا آهن. هن دعا ڪئي ته خدا کيس ڪڏهن مغرور نه ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.