ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ هڪ ڦورو واردات کانپوءِ فرار ٿيندي ٽئنڪر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو.
پاڪستان بازار پوليس اسٽيشن جي علائقي ۾ ٻن موٽر سائيڪل سوار ڦورن هڪ شهري کان موٽر سائيڪل کسڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن شهري مزاحمت ڪئي ته ڦورو فرار ٿيڻ لڳا، تيز رفتاري سان علائقي مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڦورن جي موٽر سائيڪل جو سامهون ايندڙ ٽئنڪر سان ٽڪر ٿي پيو.
حادثي ۾ هڪ ڦورو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ان جو ساٿي پنڌ فرار ٿي ويو.
پوليس موجب ساٿي ڦورو جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻيو ڦورو موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويو، ان ڳالهه جو پتو لڳايو پيو وڃي ته ڦورن سان حادثو پيش آيو يا ٽئنڪر ڊرائيور ڄاڻي واڻي کين ٽڪر هنيو.
پوليس ٻڌايو ته فرار ڦورو جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
Prev Post
Next Post
You might also like