مٿن چڪرورتي جو موت: ڪوڙي خبر وائرل!

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينير اداڪار مٿن چڪرورٿي جي موت جون ڪوڙيون خبرون وائرل، جنهن سان سندس مداح پريشان ٿي ويا.

پرڏيهي ميڊيا اداري موجب شروعاتي خبرون سوشل ميڊيا جي پوسٽس تان پکڙيون جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اداڪار اڌرنگ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

رپورٽ موجب اداڪار جي موت جي خبر ڪوڙي هئي جڏهن ته اداڪار اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ بعد هاڻي بهتر آهي.

مٿن کي 11 فيبروري تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته هن جي ڄنگهه ۽ جسم جا ڪجهه حصا سن ٿي ويا هئا کيسس ساهه جي تڪليف به هئي. ٽيسٽ مان خبر پئي ته کيس اڌرنگ ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.