يشسوي، اليسٽرڪُڪ کي حيران ڪري ڇڏيو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي انگلش ڪپتان اليسٽرڪڪ يشسوي جئسوال جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته مون پنهنجي سڄي ڪيريئر ۾ ايترا ڇڪا نه هنيا جيترا هن هڪ اننگز ۾ هڻي ڇڏيا.
راجڪوٽ ٽيسٽ ۾ڀارت خلاف انگلينڊ جي ٽيم کي 122 رنسن تي آل آئوٽ ٿيڻ بعد ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ رنسن جي حساب سان پنهنجي سڀ کان وڏي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن کانپوءِ ڀارت کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-1سرسي حاصل ٿي وئي آهي.
راجڪوٽ ٽيسٽ جي خاص ڳالهه يشسوي جئسوال جي شاندار ڊبل سينچري هئي، جئسوال 214 رنسون ٺاهيون جنهن م 14 چوڪا ۽ 12 ڇڪا شامل هئا.
جئسوال هڪ اننگز ۾ 12 ڇڪا هڻي اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان وسيم اڪرم جو هڪ ٽيسٽ اننگز 12 ڇڪن وارو رڪارڊ برابر ڪيو، جنهن تي اڳوڻو انگلش ڪپتان اليسٽرڪڪ به داد ڏيڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ اليسٽرڪ ڪڪ لکيو ته ” مون پنهنجي سڄي ڪيريئر ۾ ايترا ڇڪا نه هنيا جيترا يشسوي جئسوال هڪ اننگز ۾ هڻي ڇڏيا“ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.