عام چونڊون: سوشل ميڊيا تي سرڪاري ملازمن جون تصويرون شيئر ڪندڙن کي مثالي سزا ڏبي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق سماجي رابطن جي پليٽ فارمز تي چونڊن ۾ ڊيوٽيون ڏيندڙ سرڪاري ملازمن جون تصويرون ۽ ڊيٽا شيئر ڪرڻ تي سختي سان ردعمل ڏنو ۽ انهن کي سخت سزائون ڏيڻ جو اشارو به ڏنو آهي.
پنهنجي بيان ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني عوام 8 فيبروري تي واضح مينڊيٽ ڏنو پر ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا کي سرڪاري ملازمن تي دٻاءُ وجهڻ ۽ انهن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته رياست پنهنجا آئيني فرض انجام ڏيڻ ۾ سرڪاري ملازمن جو دفاع ڪندي، پرتشدد ٽرولز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي مثالي سزا يقيني بڻائي ويندي، رياست ۽ پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪندڙ انهن عظيم سرڪاري ملازمن سان وابستگي ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.