روسي صدر پيوٽن تي قتل جو الزام

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي مخالف ڌر اڳواڻ ايلڪسي نوالني جي بيواهه يوليا ناوالنايا روسي صدر ولاديمير پيوٽن تي پنهنجي مڙس جي قتل جو الزام لڳائي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پير جي ڏينهن جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ روئيندي ايلڪسي نوالنيجي بيواهه يوليا نوالنايا جو چوڻ هو ته 3 ڏينهن اڳ والاديمير پيوٽن اليڪسي نوالني کي قتل ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته اليڪسي 3 سالن جي اذيت ۽ تشدد کان پوءِ جيل ڪالوني ۾ فوت ٿي ويو آهي.
پيوٽن جي خلاف ويڙهه ۾ 1 ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين اليڪسي نوالني جو ساٿ ڏيندڙ هن جي زال پنهنجي مڙس جو ڪم جاري رکڻ جو به واعدو ڪيو.
يوليا نوالنايا چيو ته سڀ کان اهم شيءِ جيڪا اسان ايلڪسي نوالني ۽ پنهنجي لاءِ ڪري سگھو ٿا اُها اِها آهي ته اڳ کان وڌيڪ شدت سان پنهنجي ويڙهه جاري رکون.
هن چيو ته پنهنجي جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو عزم آهي.
واضح رهي ته 16 فيبروري تي ڪافي عرصي کان جيل ۾ قيد روسي مخالف ڌر اڳواڻ ايلڪسي نوالني جمعي فوت ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.