“بلڪل ٺيڪ آهيان” : طلاق کانپوءِ ايشا ديول جو پهريون بيان

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا ايشا ديول پنهنجي اڳوڻي مڙس ڀرت تختاني کان طلاق بعد پهريون ڀيرو ميڊيا سامهون آئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ايشا ديول کي اڄ صبح ممبئي ايئرپورٽ تي ڏٺو ويوهو، ان موقعي تي هن سان گڏ سندس ڌيئر موجود نه هيون پر هوءَ اڪيلي سر ممبئي کان ٻئي شهر وڃي رهي هئي.

ايئرپورٽ تي ڀارتي ميڊيا جي فوٽوگرافرن ايشا ديول جون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيون، اداڪارا خوشگوار ۽ پراعتماد انداز ۾ ڪيمرا سامهون جلوا ڏيکاريا.

ڀارتي صحافي موقعي کان فائدو وٺندي سوال ڪيو ته سندس طبعيت ڪيئن آهي جنهن تي ايشا ديول جواب ڏنو ته “مان بلڪل ٺيڪ آهيان توهان سڀ ڪيئن آهيو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.