” هتي عورتن کي عزت ناهي ڏني ويندي“ صنفي اڻبرابري تي ڀارتي وومينز هاڪي ڪوچ جو اهم بيان

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي وومينز هاڪي ٽيم جي ڪوچ ۽ اڳوڻي گولڊ ميڊلسٽ جينيڪ شوپمين ڀارت ۾ راند ۽ معاشري ٻنهي ۾ موجود صنفي مٿڀيد تي تنقيد ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، شوپمين جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ مردن کي ترجيح ڏني ويندي آهي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ جنهن ڪلچر سان واسطو رکي ٿي، اتي عورتن کي عزت ۽ اهميت ڏني ويندي آهي پر هتي کيس ائين ناهي.
جينيڪ شوپمين ايف آءِ ايڇ پرو ليگ ۾ آمريڪا هٿان ڀارت جي شڪست تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت ۾ عورت پليئرز کي ڊگهي عرصي کان ٽريننگ ۽ گرائونڊز جي کوٽ ميڊيا طرفان ڌيان نه ڏيڻ سبب ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ۾ امتيازي ورتاءُ کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ انهن راندين تي مردن جي حڪمراني آهي.
هن چيو ته مان نيڌرلينڊز مان آئي آهيان ۽ آمريڪا ۾ ڪم ڪري چڪي آهيان، منهنجي خيال ۾ ڀارت ۾ هڪ عورت طور ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، خاص طور جڏهن اوهان هڪ اهڙي معاشري مان آئي آهيان جتي عورتن جي پنهنجي راءِ هوندي آهي ۽ ان کي اهميت ڏني ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.