ضديري ڇوڪري 12 سالن جي عمر ۾ ڪنوار وٺي ڇڏي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي اڄ ڪلهه 12 سالن جي جوڙي جون وڊيوز وائرل آهن جن هڪ ٻئي کي ننڍي عمر ۾ ئي جيون ساٿي چونڊي ورتو آهي.

13 سالن جو محمد قاعد ۽ 12 سالن جي عليزي پسند جي شادي ڪرڻ وارا آهن جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا آهن.

ٻنهي ڪجهه رسمن جون وديوز به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون هيون جنهن کانپوءِ هو وائرل ٿيا آهن.

هنن جو واسطو لاهور سان آهي ۽ سندن اهڙي شادي جي حوالي سان ويلاگرز روز هنن جي گهر اچي ويلاگ ٺاهن ٿا.

انٽرويز ۾ گهوٽ جو چوڻ هو ته هن ماءُ کي چيو هو ته جيڪڏهن منهنجي شادي ڪرائيندي تڏهن ئي پڙهائي ڪندس، ان ڪري مان ضد ڪري ماءُ کي پرچايو.

12 ورهين جي عليزا چوي ٿي ته کيس محمد قاعد پسند آهي، کيس شادي جي آڇ ٿي ته هن قبول ڪري ورتي.

ٻنهي جي شادي جلد ٿيڻ واري آهي ۽ ڪنوار پنهنجي گهوٽ کان آءِ فون 15 پرو ميڪس گهري آهي جيڪا هو ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

ٻئي پاسي خيال رهي ته جوڙو سنجيده آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان هاڻي ئي شادي ڪنداسين پر اسان مڱڻو ڪري رهيا اهيون، شادي اڃا ناهي ڪئي پر جلد ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.