پاڪستان کي ڪامياب چونڊن تي واڌايون ڏيون ٿا: چين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين چيو آهي ته پاڪستان ۾ عام چونڊون مستحڪم ۽ هموار طريقي سان رٿيون ويون جنهن تي پاڪستان کي واڌايون پيش ڪريون ٿا.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ نتيجن ۾ ٺهندڙ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.

چيني ترجمان مائوننگ پريس بريفنگ ۾ حڪومت سازي ۾ دير بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان نوٽ ڪيو ته پاڪستان ۾ چونڊون عام طور تي مستحڪم ۽ هموار طريقي سان ٿيون.

هن چيو ته جنهن صورتحال جو اوهان سان ذڪر ڪيو آهي، اسان کي يقين آهي ته پاڪستان ۾ لاڳاپيل ڌريون يڪجهتي تي قائم رهي سگھن ٿيون ۽ لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ الءِ گڏجي ڪم ڪري سگھجون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.