دپيڪا پادوڪون عالمي ايوارڊز ۾ ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي

لنڊن(م ڊ) بالي ووڊ جي انٽرنيشنل آئيڪون دپيڪا پادوڪون بافٽا ايوارڊز 2024 ۾ توجهه جو مرڪز بڻجي وئي.

پرڏيهي ميڊيا اداري موجب اداڪارا رنگا رنگ تقريب ۾ فيشن برانڊ سبياسچي جي خوبصورت ۽ اسٽائلش ساري ۾ نظر آئي جنهن سان خوبصورت واليون به چمڪن پيون.

دپيڪا پادوڪون ان موقعي تي ڊائريڪٽر جوناٿن گليزر کي سندس فلم “دي زون آف انٽرسٽ” تي بيسٽ فلم جو ايوارڊ به پيش ڪيو.

سوشل ميڊيا تي جيئن ئي اداڪارا پنهنجون تصويرون پوسٽ ڪيون ته سندس مداحن جي تبصرن جي قطار لڳي وئي ۽ هنن اداڪارا جي چونڊ کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.