سرفراز خان بابت روهت شرما کي ساٿي ڪرڪيٽرز ڇا ٻڌايو ؟

راجڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪپتان روهت شرما ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ انگلينڊ کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ کانپوءِ سرفراز خان جي واکاڻ ڪئي آهي.
سرفراز خان کي انگلينڊ خلاف راجڪوٽ ٽيسٽ ڊيبيو جو موقعو مليو جنهن ۾ هن ٻنهي اننگز ۾ ففٽي اسڪور ڪئي.
سرفراز احمد پنهنجي شاندار بيٽنگ سان روهت شرما کي پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي، ڀارتي ڪپتان جو چوڻ آهي ته هن پهريان ڪڏهن به کيس کيڏندي نه ڏٺو هو، پر سندس بيٽنگ بابت ممبئي ۾ ڪجهه ساٿي ڪرڪيٽر وٽان گهڻو ٻڌو هو.
روهت شرما وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ٽيم۾ سرفراز خان جي جهڙي رانديگر جي موجودگي اعتماد ۾ اضافو ڪندي آهي، هو رانديگر آهي جنهن کي ڇڏي ڏيندئو ته هو پنهنجو ڪم پورو ڪري موٽندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.