سون جي اگهه ۾ اوچتو وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ اوچتو وڏي واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 1100 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 14 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 943 رپيا واڌ سان هڪ لک 83 هزار 728 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 8 ڊالر واڌ سان 2042 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.