فلم دنگل جي اداڪارا مرض وگھي فوت ٿيڻ جو انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پروفيڪشنسٽ عامر خان جي سُپر هٽ ”فلم دنگل“ جي اداڪارا سوهاني ڀٽناگر جي پيءُ  ڌيءَ جي اوچتي موت جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي 19 ورهين جي سوهاني ڀٽناگر جي پيءُ ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ اداڪارا جي هٿن تي سوڄ ٿيڻ لڳي هئي، شروعاتي طور تي هن سوڄ کي سنجيدهه نه ورتو پر بعد ۾ اُها سوڄ اداڪارا جي ٻئي هٿ ۽ پوءِ سڄي جسم تي پکڙجي وئي هئي.

سوهاني ڀٽناڪر جي پيءُ چيو ته ڪيترن ئي ڊاڪٽرن سان مشورو ڪرڻ جي باوجود به سندن ڌيءَ جي بيماريءَ جي خبر نه پئجي سگھي هئي ۽ تقريبن 11 ڏينهن اڳ پهريان سوهاني کي دهلي جي ممتاز آل انڊيا انسٽيٽوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ( ايمس) اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي رت مان خبر پئي ته هوءَ ڊرماٽوميوسائٽس (Dermatomyositis) جي مرض ۾ مبتلا آهي.

اداڪارا جي پيءُ ٻڌايو ته ڊرماٽوميوسائٽس (Dermatomyositis) ناياب مرض آهي جنهن ۾ جسم تي سوڄ ٿيندي آهي، کل تي داڻا نڪري ايندا آهن ۽ پٺا ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ ان مرض جو اڪيلو علاج اسٽيرائيڊز آهي.

هن چيو ته اسٽيرائيڊز وٺڻ کان پوءِ سوهاني جي جسم جو مدافعتي نظام خراب نموني متاثر ٿيو جنهن سبب اداڪارا جي قوت مدافعت ڪمزور پئجي وئي هئي.

سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽرن موجب ان بيماري مان ٺيڪ ٿيڻ ۾ گھڻو وقت لڳندو آهي. پر، ڪمزور قوت مدافعت سبب سوهاني کي اسپتال ۾ انفيڪشن ٿيو ويو هو، سوهاني جا ڦڦڙ ڪمزور ٿي ويا هئا جنهن جيڪري هوءَ ان مرض سان وڙهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھي ۽ 16 فيبروري جي شام جو دنيا کي الوادع چيو.

واضح رهي ته ڄاڻايل اداڪارا بالي جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي سپر هِٽ فلم ”دنگل“ ۾ سندس ڌيءَ ببيتا ڪماري جي ننڍپڻ جو ڪردار ڪيو هو، دنيا کان پوءِ سوهاني اداڪاري کان وقفو وٺي ڇڏيو هو ڇو جو هوءَ پڙهائيءَ تي ڌيان ڏيڻ چاهي پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.