ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر، آر اوز ۽ نگران حڪومت کي پيغام آهي ته توهان ماڻهو ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر قومي ڏوهي آهي، کيس معافي وٺڻ گهرجي.
هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر تي آرٽيڪل 6 لڳايو وڃي، هن وقت تي چونڊون نه ڪرايون ۽ هاڻ به شفاف چونڊون ناهن ڪرايون.
سندس چوڻ هو ته سڪندر سلطان عوام جي توهين ڪئي آهي، توهين عوام جو ڪيس عوام جي ئي عدالت ۾ هلندو.
You might also like