بلوچستان جي وڏ وزارت لاءِ ن ليگ به متحرڪ، پنهنجو اميدوار آڻڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ پنهنجو اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ن ليگ بلوچستان جي پارلياماني گروپ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آزاد ميمبرن ۽ ٻين جماعتن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي.
ان کانسواءِ اجلاس ۾ ن ليگ بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ پنهنجو اميدوار آڻڻ جو به فيصلو ڪيو.
هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته بلوچستان جو نئون وڏو وزير هر صورت ۾ جيالو هوندو.
پ پ صوبي ۾ حڪومت سازي لاءِ بلوچستان جي نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن سان مشاورتي اجلاس به ڪيو آهي، جنهن ۾ حڪومت سازي لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ بلوچستان جي نون چونڊيل ايم پي ايز ۽ سينيئر قيادت شرڪت ڪئي ۽ گڏوگڏ پ پ بلوچستان اتحادي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جو اختيار آصف زرداري کي ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.