يوڪرين پاران 3روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪرين رسي جا 3 جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
برطانوي خابرو اداري موجب يوڪرين جي ان دعويٰ جي تصديق ناهي ٿي سگھي.
عالمي رپورٽ موجب يوڪريني هوائي فوج جي سربراهه پاران ٻڌايو ويو آهي ته يوڪريني فوج ڇنڇر جي ڏينهن اوڀر يوڪرين ۾ ٻن روسي Su-34 ويڙهاڪ جهازن ۽ هڪ Su-35ويڙهاڪ جهاز کي تباهه ڪيو ويو آهي.
پر برطانوي خابرو اداري موجب جيڪڏهن اها ڳالهه سچ هجي ها ته ماسڪو کي جديد جنگي سامان جي نقصان کي منهن ڏيڻو پوي ها جنهن جي ماليت گڏيل طور تي 100 ملين ڊالرن کان به وڌيڪ آهي.
يوڪريني هوائي فوج جي ڪمانڊر ميڪولا ۽ اوليشچڪ ٽيليگرام تي لکيو ته 17 فيبروري 2024ع جي صبح جو اوڀر (سيڪٽر) ۾ يوڪرين جي هٿياربند فوج جي هوائي يونٽن هڪ ئي وقت دشمن جي ٽن جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ٻه Su-34 ويڙهاڪ جو بمبار ۽ هڪ ايس يو 35 ويڙهاڪ جهاز شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.