روسو پهرئين امتحان ۾ ڪامياب، بابر جي زلمي کي شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ٻي ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز، پشاور زلمي کي 16 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو، دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهيون.
ڪوئيٽا طرفان جيسن راءِ 48 بالن تي 9 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 75 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته سعود شڪيل 47 بالن تي 74 رنسون ٺاهيون، سندس اننگز ۾ 6 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا.
ردرفورڊ 20، ڪپتان رائلي روسو 14، خواجا نافع 6، محمد وسيم 4 رنسون ٺاهيون، پشاور جي سلمان ارشاد 3، جڏهن ته ليوڪ ووڊ ۽ محمد ذيشان 1-1 وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ پشاور جي اوپنرن به ٽيم کي سٺي شروعات فراهم ڪئي، بابر اعظم ۽ صائم ايوب 91 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي پر ان موقعي تي صائم 42 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته بابر اعظم 68 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.
محمد حارث 7، ٽام ڪوهلر 18، رومان پاول 17، ڊين موسلي 11، آصف علي 2، عامر جمال 7 رنسون ٺاهي سگهيا.
پشاور زلمي جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنسون ٺاهي سگهي، ڪوئيٽا جي ابرار احمد 2، محمد عامر، عقيل حسين ۽ محمد وسيم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.