بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان مٿي ۾ بال لڳڻ سبب سخت زخمي، اسپتال منتقل

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان مٿي ۾ بال لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
رپورٽن موجب بنگلاديش پريميئر ليگ دوران ڪوميلا وڪٽورينز جي پريڪٽس سيشن دوران لٽن داس طرفان کيڏيل شاٽ سان بال مستفيض الرحمان جي مٿي تي لڳو ۽ رت وهڻ لڳو.
مستفيض الرحمان کي فوري طور طبي امداد ڏئي اسپتال روانو ڪيو ويو.
رپورٽ موجب فاسٽ بالر جو طبي معائنو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪو فريڪچر يا اندروني ڌڪ ظاهر نه ٿيو.
ٽيم جي فزيو موجب مستفيض الرحمان جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، کيس ٽاڪا هنيا ويا آهن ۽ هو في الحال طبي عملي جي نگراني ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.