بابر اعظم ۽ هانيا عامر هڪ پيج تي!

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن لاءِ پشاور زلمي پنهنجو آفيشل ترانو ” زلمي يميٰ ( 4ڪي ) “ جاري ڪري ڇڏيو .
پشاور زلمي جي آفيشل يوٽيوب اڪائونٽ تان پاڪستان سپر ليگ لاءِ ٽيم جو ترانو رليز ڪيو ويو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Peshawar Zalmi (@peshawarzalmipk)


تراني جي خاص ڳالهه اِها آهي ته ان ۾ پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر جوهر ڏيکاريا آهن جڏهن ته ڪجهه منظرن ۾ پشاور زلمي جو ڪپتان بابر اعظم به نظر اچي رهيو آهي.
ترانو مشهور راڳي عبدالله صديقي، نهال نسيم ۽ ظهور جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عبدالله صديقي، ظهور ۽ اسفند يار اسد گڏجي تراني جا ٻول لکيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.