پي ايس ايل 9: ويو رچرڊز جي محمد عامر بابت وڏي اڳڪٿي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي مينٽور سر ويو رچرڊز محمد عامر بابت وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ ويو رچرڊز چيو ته مون سدائين محمد عامر جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ سندس ڪوئيٽا گليڊيئٽرز شموليت تي خوشي ٿي رهي آهي.
هن چيو ته نسيم شاهه جي فرنچائز ڇڏڻ کانپوءِ محمد عامر جي شموليت سان تجربيڪار فاسٽ بالر جي کوٽ پوري ٿيندي.
ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي ڪارڪردگي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ٽيم گذريل ڪجهه سيزن دوران سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي پر تبديليون ٽيم لاءِ ڪارائتيون ثابت ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.