”ڪمشنر راولپنڊي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف“ پ پ جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته ڪمشنر راولپنڊي سنگين الزام لڳايا آهن جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.
هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته سوال ته اُٿي ٿو ته 10 ڏينهن کانپوءِ ڪمشنر راولپنڊي جو ضمير جاڳيو؟ .
سندس چوڻ هو ته ڪمشنر پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان سمنڊ پار پاڪستانين ۽ سوشل ميڊيا جي دٻاءُ ۾ هئس، هن تمام وڏا الزام لڳايا آهن جنهن جي فوري طور جاچ ٿيڻ گهرجي.
شيري رحمان چيو ته ڪمشنر راولپنڊي کي پنهنجي الزامن جا ثبوت به ڏيڻ گهرجن، لياقت علي چٺا چيف جسٽس تي به الزام مڙهيا آهن جيڪي سمجهه کان ٻاهر آهن.
ٻئي پاسي پ پاڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي به ڪمشنر راولپنڊي جي انڪشافن تي فوري جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪمشنر راولپنڊي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن، پيپلز پارٽي کي به اليڪشن تي خدشا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.