عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي، پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي يا درخواست ٻڌي وڃي؟ سپريم ڪورٽ ۾ مشاورت جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ متحرڪ ٿي وئي.
ذريعن موجب، پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي يا ڌانڌلي تي آئيني درخواست ٻڌي وڃي، سپريم ڪورٽ جي پنج ججن وچ ۾ مشاورت جاري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي چيمبر ۾ موجودا صورتحال تي مشاورت جاري آهي جنهن ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس عائشا اي ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله به مشاورت ۾ شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورت کانپوءِ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ يا نه وٺڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
واضح رهي ته راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا چيو هو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مون کي مقرر ڪيو هو، مان اليڪشن صحيح نموني نه ڪرائي سگهيو آهيان، استعيفيٰ ڏيان ٿو.
ڪمشنر راولپنڊي چيو ته مان ڊيوٽي صحيح نموني نه ڪري سگهيس، قومي اسيمبلي جي 13 تڪن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا، هارايل اميدوارن کي کٽرايو ويو.
هن چيو ته راولپنڊي مان 13 ماڻهن کي کٽرايو ويو، 70، 70 هزار ليڊ وارن کي هارايو ويو، منهنجا ماتحت اهو ڪم نه پيا ڪرڻ چاهين، پرزائيڊنگ آفيسر منهنجي سامهون روئي رهيا هئا.
لياقت علي چٺا الزام لڳائيندي چيو ته چونڊ ڌانڌلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس پاڪستان به ملوث آهن، مون سميت انهن کي به استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
لياقت علي چٺا چيو ته مون کي راولپنڊي جي ڪچهري چوڪ تي موت جي سزا ڏني وڃي، مون سان اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي به سزائون ڏنيون وڃن.
ڪمشنر راولپنڊي چيو ته مان نٿو چاهيان ته 1971 جو واقعو ٻيهر ٿئي، فجر ويل مون آپگهات جي ڪوشش به ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.