سراج ۽ جئسوال گورن کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا، راجڪوٽ ٽيسٽ ۾ ڀارت جي پوزيشن مضبوط

راجڪوٽ ( ويب ڊيسڪ )ڀارتي ٽيم جي راجڪوٽ ٽيسٽ ۾ پوزيشن مضبوط ٿي وئي آهي، ميزبان ٽيم ٻي اننگز ۾ٻن وڪيٽن جي نقصان 196 رنسون ٺاهي مجموعي طور 322 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ٻي اننگز ۾ ڀارت طرفان اننگز جي شروعات ڪپتان روهت شرما ۽ يشسوي جئسوال ڪئي، پر روهت شرما 19 رنسون ٺاهي جوئي روٽ جو پهريون شڪار بڻيو.
ان کانپوءِ شُڀمَن گِل ۽ يشسوي جئسوال ٻي وڪيٽ لاءِ 155 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي ان دوران جئسوال پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي ٽين ۽ سيريز جي ٻي سينچري اسڪور ڪئي.
جئسوال 104 رنسن جي اننگز کيڏي رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو جنهن کانپوءِ رجيت پاٽيدار به کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيو.
ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي ڀارت ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهي ورتيون هيون ۽ ڀارت جي انگلينڊ تي مجموعي سرسي 322 رنسون ٿي وئي آهي.
شُڀمَن گِل 65 ۽ ڪُلديپ ياديو 3 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.
انگلينڊ طرفان جوئي روٽ ٽام هارٽلي هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ان کان اڳ ڀارت جي 445 رنس جي جواب ۾ انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 319 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اهڙي ريت ڀارت کي پهرين اننگز 126 رنسن جي برتري حاصل ٿي.
راجڪوٽ جي سُراشتر ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم جاري ميچ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ پنهنجي اڻپوري اننگز 207 رنز تان شروع ڪئي ۽ پوري ٽيم 319 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
انگلينڊ جي بِين ڊِڪٽ 153 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ڪپتان بين اسٽوڪس 41 ۽ اولي پوپ 39 ٺاهي اڳڀرا رهيا.
ڀارت جي محمد سراج چار، ڪُلديپ ياديو ۽ رويندرا جاڙيجا ٻه، ٻه جڏهن ته روي ايشون جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.