مشهور يوٽيوبر هڪ غلطي ڪري ڪروڙين رپيا وڃائي ويٺو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور يوٽيوبر معاذ صفدر کي 4 ڪروڙن جو وڏو نقصان ٿي ويو.

معاذ صفدر پنهنجي يوٽيوب چينل ’معاذ صفدر ورلڊ‘ تي پنهنجو نئون ويلاگ اپ لوڊ ڪيو جنهن ۾ هن مداحن کي پنهنجي ڪاروبار ۾ ٿيندڙ نقصان بابت ٻڌايو.

يوٽيوبر موجب هن پنهنجا ٽي مختلف ڌنڌا شروع ڪيا هئا، جن مان ٻه ڪاروبار سٺو هلي رهيا هئا جڏهن ته ٽيون ڪاروبار مسلسل خساري ۾ رهيو.

هن چيو ته مون سوات ۾ هڪ ريزورٽ 40 لک جي ماهوار ڪرائي تي ٺاهي هئي، منهنجو خيال هو ته هي ڪاروبار سٺو هلندو پر پاڪستاني معيشت جي زوال ۽ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ سبب منهنجو ڪاروبار مسلسل خساري ۾ رهيو.

معاذ صفدر جو چوڻ هو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ۾ سياحت جو رجحان گهٽجي ويو آهي، مهانگائي وڌي وئي آهي جنهن سبب ماڻهو گهمڻ لاءِ نه پيا اچن، اهي ئي سبب هئا جو ڪاروبار ۾ مون کي ايترو وڏو نقصان ٿيو.

يوٽيوبر جو چوڻ هو ته سائيٽ مان آمدني گهٽجي وئي هئي پر هر مهيني سائيٽ جي ڪرائي ۽ ٻين خرچن ۾ پئسا لڳائيندو رهيس ڇو ته مون کي اميد هئي ته سياحت ۾ واڌ ٿيندي پر ڪجهه نه ٿيو.

هن وڌيڪ چيو ته مون پنهنجي ٻين ٻن ڌنڌن مان جيڪي پئسا ڪمايا اهي به ريسورٽ ۾ لڳايا ۽ اهڙي طرح مون کي 4 کان 5 ڪروڙ جو نقصان ٿيو، منهنجي جيڪا بچت هئي سا به گم ٿي وئي.

واضح رهي ته معاذ صفدر جا يوٽيوب تي 3.8 ملين کان وڌيڪ سبسڪرائبر آهن، معاذ صفدر سال 2022 ۾ صبا عباسي سان شادي ڪئي هئي، کيس هڪ پٽ پڻ آهي.

معاذ صفدر پنهنجي يوٽيوب چينل تي پنهنجا فيملي ويلاگز اپ لوڊ ڪري ٿو، جنهن ۾ هو پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀيڻ، ڀاءُ، زال ۽ پٽ سان گڏ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.