گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي نئين برسات وسائيندڙ سسٽم جي اڳڪٿي ڪيئ آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويندو، جيڪو 21 فيبروري تائين جاري رهندو، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو.

گلگت بلتستان، مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ موسم جهڙالي رهندي جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.

گذريل ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته اترين ضلعن ۾ ٿڌ وڌيڪ هئي سري نگر، هنزا ۾ گرمي پد ڪاٽو 2 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.