شاهد آفريدي کي ملڪ جي سياسي صورتحال ڳڻتي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ سياسي صورتحال تي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڪپتان چيو ته عام ماڻهو روز هڪ نئين ڪهاڻي مان تنگ ٿي چڪو آهي، ان جو مسئلو بيروزگاري آهي جيڪو حل ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته فيصلو ڪندڙ کي هٿ ٻڌي اپيل ڪيان ٿو ته ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو، پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته اڳ ئي گهڻو تماشو ٿي چڪو آهي هاڻ ملڪ وڌيڪ صدما برداشت نٿو ڪري سگهي، خدا جي واسطي ايندڙ نسل ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ سڀ هڪ ٿي وڃو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.