پارٽي اڳوڻن نواز شريف کي وفاق ۾ حڪومت نه ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

پاڪستان مسلم ليگ ن قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ شهباز شريف، مريم نواز، اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب، سعد رفيق شريڪ ٿيا، ان کانسواءِ اعظم نذير تارڙ، اياز صادق، احسن اقبال، راڻا تنوير، سلمان شهباز ۽ ملڪ احمد خان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻن نواز شريف کي تجويز ڏني ته اسان کي حڪومت نه وٺن گهرجي، پنجاب ۾ ن ليگ آزاد اميدوار گڏجي آساني سان حڪومت ٺاهي سگهي ٿي.
ذريعن موجب، اسحاق ڊار چيو ته ن ليگ جو پنجاب ۾ آزاد اميدوارن کي گڏائي انگ 154 ٿي ويو آهي. جڏهن ته پارٽي کي رڳو پنجاب تي فوڪس ڪرڻ گهرجي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف چيو ته وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن اتحادي پارٽي جي غير اصولي ڳالهه کي نه مڃڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.