هونڊا سي ڊي 70، بنا وياج جي قسطن تي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هونڊا جون موٽرسائيڪلون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مارڪيٽ ۾ راڄ ڪري رهيون آهن.

هونڊا سي ڊي 70 ۽ 125 جاپاني گاڏيون آهن.

ڪمپني مارڪيٽ ۾ هر قسم مون موٽرسائيڪلون پيش ڪري ٿي جيڪي گهٽ رفتار ۾ بهترين مائيليج ڏين ٿيون.

هونڊا سي ٽي 70 پيٽرول جي بچت ۾ شاندار آهي ۽ ان جي ٻيهر سٺي وڪري لاءِ واهپيدارن لاءِ نوان پيڪيج آندا ويندا آهن.

جيئن جيئن موٽرسائڪلون مهانگيون ٿي رهيون آهن، تيئن تيئن ڪمرشل بينڪن پاران هونڊا سي ڊي 70 سولين قسطن تي ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.

بينڪن جا تفصيل هونڊا جي ويب سائيٽ تي به موجود آهن.

تفصيلن موجب ٽن مهينن واري قسط 52650 رپيا آهي جنهن تي ڪو وياج ناهي.

6 مهينن واري قسط 26250 آهي جنهن تي ڪو وياج ناهي.

ان کانسواءِ 9 مهينن واري قسط جو پلان 20500 رپيا آهي.

12 مهينا 16150، 18 مهينا 11750 رپيا، 24 مهينا 9550 رپيا جڏهن ته 36 مهينن وارو پلان 7350 رپيا في قسط ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو.

هونڊا سي ڊي 70 جو هن وقت اگهه 157900 رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.