محمد حفيظ جو پاڪستاني ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جي حقيقتن تان پردو کڻڻ جو اعلان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جي حقيقتن تان پردو کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محمد حفيظ چيو ته مون کي جيڪو وقت ڏنو ويو ان دوران هو هر شيءِ جو ذميوار آهي، خراب ڪارڪردگي جا سبب ۽ اميچور نان ڪرڪيٽنگ حقيقتون سامهون آڻيندس.


محمد حفيظ چيو ته مون سدائين پاڪستان کي ترجيح ڏني ۽ پاڪستان جي نمائندگي پاڻ لاءِ اعزاز سمجهيو.
هن چيو ته هاڪاري ريفارمز لاءِ پاڪستان ٽيم ڊائريڪٽر جو عهدو قبول ڪيو، پي سي بي چئن سالن تائين عهدي جي آڇ ڪئي هئي پر نئين چيئرمين جي ايندي ئي مدو ٻن مهينن تائين محدود ڪيو ويو.
پنهنجي بيان ۾ محمد حفيظ پاڪستان ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.