روسي جيل ۾ قيد مخالف ڌر اڳواڻ پراسرار نموني فوت

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي جيل ۾ قيد مخالف ڌر اڳواڻ اليڪسي ناولني پراسرار طور تي فوت ٿي ويو.
روسي ميڊيا موجب روسي مخالف ڌر اڳواڻ اليڪسي ناولني جيل ۾ 19 ورهين جي قيد جي سزا ڪاٽي رهيو هو ۽ قيد دوران پراسرار طور تي فوت ٿي ويو آهي.
اليڪسي ناولني روسي جي ٿڌن ترين علائقن مان هڪ شهر خارپ ۾ پولر رووليف ڪالوني ۾ قيد هو، اتان جي موسم سدائين ٿڌي رهندي آهي.
جيل اختيارين ٻڌايو ته ناولني پنڌ ڪرڻ بعد اوچتو سٺو محسوس نه ڪيو جنهن بعد سندس معائنو ڪيو پر هو نه بچي سگھيو.
طبي عملي جو چوڻ آهي ته موت جوسبب جو تعين هيل تائين ناهي ٿي سگهيو جڏهن ته صدارتي محل موجب صدر پيوٽن کي ناولني جي موت کان آگاهه ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ناولني جنوري 2021ع ۾ جرمني زهر جي اثر مان صحتياب ٿي ماسڪو اچڻ کان پوءِ جيل ۾ قيد هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.